سکرضلعو

سکرضلعو

سکر ضلعو

سکر (ضلعو): سنڌ جو ٽيون نمبر وڏو شهر سکر هن وقت ضلعي ۽ ڊويزن جو درجو رکي ٿو. سکر ضلعي جي زميني پکيڙ 5165 چورس ڪلوميٽر آهي. جنهن ۾ پنج تعلقا سکر، نئون سکر، روهڙي، پنو عاقل ۽ صالح پٽ، 46 يونين ڪائونسلون ۽ 39 تپا آهن. پاڪستان جي قيام وقت هتان جي آبادي ساڍا ٽي لک هئي، پر تازن انگن اکرن موجب سکر ضلعي آبادي 12 لکن کان وڌيڪ آهي ۽ ان ۾ 2.88 سيڪڙي جي شرح سان اضافو رڪارڊ ٿئي ٿو. هتي تعليمي خواندگيءَ جي شرح 46.42 سيڪڙو آهي، جنهن تحت شهري آباديءَ مان 59.76 سيڪڙو، جڏهن ته ٻهراڙيءَ مان 31.72 سيڪڙو پڙهيل لکيل ماڻهو آهن. هي ضلعو تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيو آهي. هتي سيمينٽ، کنڊ، گيهه، ڪپهه، ڪڻڪ، چانورن ۽ بسڪيٽن جا ڪارخانا، کير/ ڊيري جي صنعت، چوپائي مال توڙي اناج جي وڏي منڊي آهي. سکر شهر روڊ، ريل ۽ هوائي رستي سڄي ملڪ توڙي دنيا سان ڳنڍيل آهي. سکر ضلعي جي سراسري طور موسم خشڪ ۽ سخت گرم، جڏهن ته سياري ۾ گھڻي ٿڌي رهي ٿي. سکر ضلعي جي 487،721 ايڪڙ زمين زرخيز ۽ آباديءَ لائق آهي، سنڌوءَ جي وهڪري سبب پاڻيءَ جي کوٽ نه ٿي ٿئي، هتان جي مکيه فصلن ۾ ڪپهه، چانور، ڪڻڪ، مڱ، ٻاجھري، مٽر وغيره آهن. هتي ڪيلن ۽ کجين جا وڏا باغ به آهن. سکر ضلعي ۾ ٺهيل پڪن روڊن جي ماپ لڳ ڀڳ 918 ڪلوميٽر آهي. سکر ضلعي جي آباديءَ مان اڪثر سنڌي ڳالهائيندڙ، جڏهن ته اقليت ۾ سرائيڪي، اردو، بلوچي، براهوي ۽ پشتو ڳالهائيندڙ به آباد آهن. هن ضلعي ۾ پنج ريلوي اسٽيشنون آهن، جن مان روهڙي ملڪ جي ٻيو نمبر وڏي ريلوي جنڪشن آهي، جڏهن ته پنو عاقل، منڊوديرو ۽ سانگي ريلوي اسٽيشنون ڪراچيءَ کان پشاور ريلوي ٽريڪ تي آهي، ۽ سکر اسٽيشن، ڪوئٽا واري ٽريڪ تي ٺهيل آهي.
سکر ضلعي جي تعليمي صورتحال به بهتر رهندي آئي آهي. هن ضلعي ۾ ڪل 1128 پرائمري اسڪول، 113 مڊل اسڪول، 65 هاءِ اسڪول، 180 نجي تعليمي ادارا ۽ اسڪول، 7 ڪاليج، هڪ لا ڪاليج، 10 ووڪيشنل ٽريننگ انيسٽيٽيوٽ ۽ 107 کن ديني درسگاهون ۽ مدرسا موجود آهن. سکر شهر ۾ غلام محمد ميڊيڪل ڪاليج 2003ع کان قائم آهي، جڏهن ته تازو اتي بيگم نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو اعلان به ٿيو آهي. سکر تعليمي بورڊ جو ريجن خيرپور، نوشهروفيروز ۽ گھوٽڪي ضلعن تائين آهي. ضلعي ۾ موجود ڊگري ڪاليجن ۾ سائنس توڙي آرٽس ۾ گريجوئيشن ۽ ماسٽرس ڊگري پروگرام هلن ٿا. هڪ ٽيچنگ اسپتال به سکر ۾ قائم آهي، صحت جي حوالي سان سرڪاري توڙي خانگي اسپتالن ۾ جديد طريقي سان علاج جون سهولتون موجود آهن. هتي 3 ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتالون، 2 تعلقي اسپتالون، 2 گورنمينٽ اسپتالون، 2 ماءُ ۽ ٻار جي صحت جا مرڪز، 3 رورل هيلٿ سينٽر، 26 بيسڪ هيلٿ يونٽ، 7 ڊسپينسريون، 33 ٽي. بي جي علاج جا مرڪز، ڪيترائي ميٽرنٽي هوم ۽ 46 جانورن جون اسپتالون قائم ٿيل آهن. سکر ضلعي ۾ هڪ ايئرپورٽ (سکر ايئرپورٽ)، 2 بس ٽرمينل، رهائشي هوٽل ۽ تفريحي ماڳ به موجود آهن. (وڌيڪ ڏسو سکر-شهر). سکر ضلعي جي مشهور ماڳن ۾ اروڙ جا تاريخي آثار، محمد بن قاسم جي مسجد، معصوم شاهه جو منارو، ستين جو آستان، بکر قلعو، درياهه جي ٻيٽ ۾ قائم ساڌ ٻيلو، قادر بخش جا قبا، حضور صلي الله عليه وسلم جن جو وار مبارڪ، آدم شاهه جو مقبرو، لاکين جو دڙو(جيڪو موهن جي دڙي سان مشابهت رکي ٿو)، ڪالڪا ديويءَ جو مندر شامل آهن، جڏهن ته هتان جي مشهور درگاهن ۽ مسجدن ۾ روهريءَ جي جان الله شاهه جي مسجد، حضرت بيدل فقير جي درگاهه، جيئي شاهه بادشاهه جي درگاهه، اهڙي طرح پني عاقل تعلقي ۾ به ڪي تاريخي ماڳ موجود آهن، جن ۾ باعد پير جو قبرستان، جيڪو 185 ايڪڙن تي ڦهليل آهي، ان کانسواءِ آريئڙو، هندن جا مندر ۽ سماڌيون وغيره. ٺيڪراٺي مبارڪپور مان به تاريخي آثار مليا آهن. صالح پٽ تعلقي ۾ به قديم آثا مليا آهن.


لفظ سکر ضلعوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو